ڊي جي سنڌ ڪاليج مسيلني مخزن

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مسيلني (مخزن): هيءَ ڇهه ماهي علمي ۽ ادبي مخزن، ڊي. جي . سنڌ ڪاليج مان 1901ع ۾ جاري ٿي، جنهن جو باني ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي هو، جيڪو ان زماني ۾ ڪاليج جو پروفيسر هو. مخزن سنڌي، انگريزي ۽ گجراتي ٻولين ۾ شايع ٿيندي هئي، جنهن جا ايڊيٽر ڪاليج جا استاد ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر، ڪاليج جا شاگرد يا شاگردياڻيون هونديون هيون. مخزن سال ۾ ٻه دفعا فبروري ۽ آڪٽوبر ۾ شايع ٿيندي هئي. هيءَ مخزن 1947ع تائين جاري رهي. هن مخزن جي سنڌي حصي جي ابتدا ۾ هميشه مرزا قليچ بيگ جي شعر جون هي سٽيون ڏنل هونديون هيون:
ٿئين علم ۾ جي ڪامل، ڪر عمل کي به شامل،
عالم نه جي ٿيو عامل، دفتر لکيو ته ڇا ٿيو.
هن مخزن ۾ ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن کانسواءِ سنڌ جي ناميارن شاعرن ۽ اديبن جون تخليقون به ڇپبيون هيون. مخزن جي ادبي حصي ۾ مضمون، ناٽڪ ۽ شعر و شاعري شامل هئي. مخزن جي ليکڪن ۾ پرمانند ميوارام، ڄيٺمل پرسرام، ڀيرومل آڏواڻي، جهامن داس ڀاٽيا، ديوان ڪوڙومل، تولارام ٻالاڻي، لعل چند امر ڏنومل، محمد صديق ميمڻ، آسانند مامتورا، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، رام پنجواڻي، منگھارام ملڪاڻي، ڪشنچند بيوس ۽ شيخ اياز جھڙا تخليقار شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو